سيد ابراهيم بخاري

سيد ابراهيم بخاري: سيد ابراهيم بخاري، اُچ جي بزرگ هستي راجو قتال بن سيد احمد ڪبير بن سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جو پوٽو هو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”سيد ابراهيم بخاري تحقيق موجب مخدوم راجو قتال جو پوٽو آهي. چون ٿا ته سيد ابراهيم جي پيءُ وٽ وڏن جي ورثي مان هڪ ڪاٺ جو پيالو هوندو هو، جيڪو جڏهن به ان کي طعام يا پاڻيءَ سان ڀريندو هو، تڏهن انهيءَ مان هزارين ماڻهو ڍاپندا هئا. هن جي والد جي گذاري وڃڻ کانپوءِ خادم اهو پيالو سيد ابراهيم وٽ کڻي آيا، هن اهو پيالو هٿ ۾ وٺي هڪدم ڀڃي ڇڏيو. مريدن چيس، سائين! هي ڇا ڪيوَ، هي پيالو وڏن جي نشاني آهي. ان تي سيد ابراهيم وراڻيو، اسان ۽ توهان کي هن مان رڳو مشهوريءَ کانسواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿيندو. هن ٺٽي ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ٺٽي ۾ ڪشمشين جي محلي ۾ الهندي طرف مشهور آهي. گهڻائي بزرگ هن وٽان فيضياب ٿيا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو